ابوظهبي(ويب ڊيسڪ)گڏيل عرب امارات ايران مان پنهنجي سفير کي واپس گهرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل عرب امارات طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران ۾ مقرر يو اي اي جي سفير سيف محمد الزبي کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ تهران واپس موڪليو ويندو. ميڊيا رپورٽن موجب ايران مان يو اي اي جي سفير جي واپسي 6 سالن کانپوءِ ٿي رهي آهي، جيڪو يو اي اي جي ايران سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن جو نتيجو آهي.يو اي اي جي پرڏيهي معاملن واري وزارت آچر تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته يو اي اي جي ايران سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن جو مقصد خطي ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ آهي.ميڊيا رپورٽن موجب اماراتي ۽ ايراني پرڏيهي وزيرن وچ ۾ گذريل هفتي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا 2016 ۾ ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيا.










