دبئي (ويب ڊيسڪ)يو اي اي ڪابينا مالي سال 2026 لاءِ ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.دبئي ميڊيا آفيس موجب، 2026 جو بجيٽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 30 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ۽ اماراتي وفاقي ادارن جي مالي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ فيڊرل فنانشل سينٽر پروگرام جي به منظوري ڏني وئي آهي.دبئي ميڊيا آفيس موجب، 2024 ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري 1.05 ٽريلين درهم تائين پهچي وئي، جيڪا عرب دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.ان کان علاوه، يو اي اي جي برآمدات 2019 جي مقابلي ۾ ٻيڻي ٿي وئي آهي، جيڪا 950 ارب درهم تائين پهچي وئي آهي.










