وڳڻ: رڪشا جو ٻن معصوم ڀينرن کي ٽڪر، ٻئي فوت

وڳڻ: رڪشا جو ٻن معصوم ڀينرن کي ٽڪر، ٻئي فوت

وڳڻ: (ن س) بهرام ڀرسان ڳوٺ عبدالواحد مگسي ۾ تيز رفتار لوڊر رڪشا جو ٻن معصوم ڀينرن کي ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻئي ڀينرون ٿڏي تي فوت ٿي ويون، فوت ٿي ويل اقرا ۽ ساجده ڌي حسين ٽوٽاڻي جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا جتي ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.وڳڻ ڀرسان ڳوٺ جعفراڻي واسي حسين ٽوٽاڻي جيڪو بهرام ۾ درزڪي جو ڪم ڪندو هو انهي جون ٻه نينگريون نلڪي تان پاڻي ڀري روڊ ڪراس ڪري رهيون هيون ته تيز رفتار لوڊر رڪشا کين ٽڪر هنيو، ٽڪر جي نتيجي ٻئي نينگريون ٿڏي تي فوت ٿي ويون.هوڏانهن نينگرين جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ٻنهي فوت ٿي ويل ڀينرن جي جنازي نماز سندن اباڻي ڳوٺ جعفراڻي وڳڻ ۾ ادا ڪرڻ بعد کين اباڻي قبرستان سخي محبوب خان وڳڻ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو