وڪيلن تي تشدد خلاف ايس يو پي جو سڄي سنڌ ۾ احتجاج

وڪيلن تي تشدد خلاف ايس يو پي جو سڄي سنڌ ۾ احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي سربراهه سيد زين شاهه جي سڏ تي پارٽي پاران سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪينال مخالف وڪيلن جي ڌرڻن تي پوليس تشدد خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. مقررن پوليس تشدد جي مذمت ڪندي چيو ته اها پي پي حڪومت جي سازش هئي ۽ هي گرين انيشيٽو جا ساٿاري آهن. پي پي کي ٻهروپي ڪردار ختم ڪرڻ گهرجي. هنن چيو ته ايس يو پي جا ڪارڪن سڄي سنڌ ۾ ڌرڻن ۾ شريڪ آهن ۽ وڪيلن جي حفاظت ڪنداسين. ان موقعي تي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس خلاف نعرا به هنيا ويا. ڪينال سمورا نامنظور، ڪينال ٺاهيندي پادر کائيندي جا نعرا به لڳندا رهيا. اهڙو ئي هڪ مظاهري ملير ڪراچي ۾ به ڪيو ويو. ڊاڪٽر علي نواز گبول، شبير ڏيرو، شيراز سولنگي، ڌيرو ڪولهي، ۽ ٻين به خطاب ڪيو. رزاق آباد جي مين چوڪ کان ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ ڪارڪنن ۽ شھرين جي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو