پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وڏي وزير جي چونڊ کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته اپوزيشن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي چونڊ کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيستائين علي امين گنڊاپور جو استعيفيٰ منظور نٿو ٿئي، وڏي وزير جي چونڊ غير آئيني هوندي. جڏهن ته اپوزيشن اڳواڻ سهيل آفريدي جي چونڊ کي اڱاري تي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ مان مطمئن نه آهيان، نئين وڏي وزير جو نوٽيفڪيشن ڪير جاري ڪندو؟ اطمينان منهنجو آئيني حق آهي ۽ علي امين اربع تي مون وٽ اچي انهي کي چانهه پياريندس، استعيفيٰ به منطور ٿي ويندو.










