وڏو سيلابي وهڪرو سنڌ پهچڻ وارو آهي، ڪچي جا ماڻهون لڏي وڃن

وڏو سيلابي وهڪرو سنڌ پهچڻ وارو آهي، ڪچي جا ماڻهون لڏي وڃن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعاتَ جي وزير شرجيل ميمڻ ڪَچّي وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته سيلاب اچڻ کان اڳ ئي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏي وڃن. هڪ بيان ۾ وزير اطلاعات جو چوڻ هو ته خيبرپختونخوا ۽ پنجاب ۾ تباهي ڦهلائيندڙ سيلابي وهڪرو هاڻي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي. شرجيل ميمڻ موجب گڊو بئراج تي وڏو وهڪرو اچي رهيو آهي، وقت گهٽ آهي تنهنڪري ڪَچّي جي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن لڏي وڃن. هن چيو ته سيلاب کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، جيڪي به ماڻهو درياهه جي ويجهو رهن ٿا سي علائقو ڇڏي وڃن. وزير اطلاعات سنڌ شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته حڪومت جا رليف ڪئمپ موجود آهن، پاڻي اچڻ کان اڳ ئي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿي وڃو.

پهنجو تبصرو موڪليو