وومين، وارم اپ ۾ آئرلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست

وومين، وارم اپ ۾ آئرلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست

دبئي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) وومينز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ۾ کيڏيل وارم اپ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز آئرلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ويسٽ انڊيز وومين ٽيم لاهور ۾ کيڏيل وارم اپ ميچ ۾ آئرلينڊ کي شڪست ڏني.آئرلينڊ وومين ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 248 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ لورا ڊيلاني 67 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهي.ويسٽ انڊيز جي ٽيم 42 هين اوور ۾ 249 رنسن جو هدف حاصل ڪيو، هيلي ميٿيوز 55 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته اسٽيفني ٽيلر 53 ۽ زيدا جيمز 47 رنسون ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو