وفاق پاران سرڪاري ملازمن کي عيد کان اڳ پگهارون ڏيڻ جو فيصلو

وفاق پاران سرڪاري ملازمن کي عيد کان اڳ پگهارون ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن کي هلندڙ مهيني جي پگهار عيدالفطر کان اڳ ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وچ ۾ ان حوالي سان مشاورت ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ سرڪاري ملازمن کي هن مهيني جي پگهار عيدالفطر کان اڳ ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اعلان موجب عيدالفطر کان اڳ ماهوار پينشن ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان ناڻي واري وزير ناڻي واري سيڪريٽري کي فوري انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو