حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ وفاقي حڪومت سنڌ لاء اکيون بند ڪري ڇڏيون آھن. پ پ وزير ھٿرادو گھارا ھڻائي ڪروڙين جا ڪوڙا بل ٺاھي لٽي رھيا آھن. سرڪاري اسپتالن ۾ ٻہ نمبر ۽ غير معياري دوائون ملن ٿيون. ڊاڪٽرن جي کوٽ آھي. ماڻھو خانگي اسپتالن مان علاج ڪرائڻ تي مجبور آھن. حڪومت غنڊه ٽيڪس وٺي رھي آھي. عوام کي ڪا سھولت ميسر ناھي. ماڻھو معياري تعليم لاءِ پرائيويٽ ادارن ۾ وڃن ٿا، بجلي بدران سولر سسٽم، گئس بدران سلينڊر ۽ پاڻي خريد ڪيو پيو وڃي. نام نهاد حڪومت عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي بہ نہ ڏئي سگھي آھي. سنڌ جي حالت سڀ کان بدتر آھي. هيپاٽائيٽس ۽ ٻيون بيماريون وبا بنيل آھن. غير معياري کير ۽ ٻيو کاڌي جو سامان ڪيميڪل ۽ ملاوٽ وارو ملي ٿو، جنھنڪري بيماريون پکڙجي رھيون آھن. گٽڪي، مين پڙي ۽ ٻي منشيات جو زھر نوجوانن جون زندگيون تباھ ڪري رھيو آھي. پ پ وزير منشيات فروشن جا سھولتڪار آھن. نوجوان روزگار لاءِ پريشان آھن. ڏوھن ۾ اضافو تي رھيو آھي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جو خاتمو وڏو چئلينج بنايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ خراب حڪمراني جي ڪري ملڪ مان نوجوان ٻاھر وڃي رھيا آھن. ترقي بدران ماڻھو پوئتي وڃي رھيا آھن. حڪمرانن سچ کان خوفزده آھن. جنھنڪري سوشل ميڊيا جي بلاڪ ڪيو وڃي ٿو.










