وفاق جو صوبن کان پيٽروليم شين تي سبسڊي ۾ حصو وجهڻ جو مطالبو

وفاق جو صوبن کان پيٽروليم شين تي سبسڊي ۾ حصو وجهڻ جو مطالبو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت صوبن کان پيٽروليم شين تي سبسڊي ۾ حصو وجهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏين وزيرن ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير به شرڪت ڪئي. آزاد ڪشمير جو وزيراعظم به اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير به شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي حوالي سان توانائي جي امڪاني بحران تي غور ڪيو ويو جڏهن ته اجلاس ۾ حڪومت جي ڪفايت شعاري وارن قدمن ۽ توانائي جي بچت سبب گڏيل قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي.ذريعن موجب اجلاس ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن بابت اهم معاملا غور هيٺ آيا جڏهن ته وفاقي حڪومت صوبن کان پيٽروليم شين تي سبسڊي ۾ حصو وجهڻ جو مطالبو ڪيو. ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جو مڪمل بار صارفين تي منتقل ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو. هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ وزيراعظم هائوس پهتو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات پڻ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو