ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري ڪاشف گلزار شيخ، ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز ڊاڪٽر معيز الدين پيرزاده ۽ ٻين آفيسرن سان گڏ 79هين جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي سنڌ اطلاعات جي صدر آفيس ۾ پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ جشنِ آزاديءَ جي مناسبت سان ڪيڪ ڪاٽيو ويو . آزاديءَ جي 79هين سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جي اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري ڪاشف گلزار شيخ پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪئي. هن چيو ته وطنِ عزيز کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي وڏڙن اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون، آزادي هڪ نعمت آهي ۽ اسان کي الله تعالي جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي جنهن اسان کي هڪ آزاد مملڪت سان نوازيو آهي. اسان کي باباءِ قوم جي اصولن “اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم” تي عمل پيرا ٿي ملڪ کي عالمي افق تي نمايان مقام ڏيارڻو آهي. ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز ڊاڪٽر معيز الدين پيرزاده چيو ته آزادي هڪ وڏي نعمت آهي جنهن جو ڪو نعم البدل ناهي ۽ آزاد معاشرو ئي ملڪ جي ترقيءَ جو ضامن آهي. تقريب ۾ مختلف سيڪشنن جا ڊائريڪٽرز، ڊپٽي ڊائريڪٽرن، انفارميشن آفيسرن، سيڪشن آفيسرن ۽ عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب لاءِ سنڌ اطلاعات کاتي جي آفيس کي خوبصورت سائي جهنڊين ۽ برقي روشنين سان سجايو ويو.










