اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران خطي جي تازي صورتحال ۽ تڪرار جي اثرن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.سعودي پريس ايجنسي موجب، ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام ۽ جاري سفارتي ڪوششن سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف هن موقعي تي سعودي عرب جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ سعودي سلامتي ۽ خودمختياري تي حملن جي مذمت ڪئي.ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته هو هميشه ۽ مضبوطيءَ سان سعودي عرب سان گڏ بيٺل رهندو.










