اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي اڱاري ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف کي هڪ خط لکي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي طبي معائني لاءِ سندس “ذاتي مداخلت” جي درخواست ڪئي آهي، ته جيئن قيد ۾ موجود اڳواڻ جو معائنو عمران خان جي “اعتماد لائق” ڊاڪٽرن کان ڪرايو وڃي۔
هي خط تحريڪ تحفظ آئينِ پاڪستان (TTAP) سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (X) تي شيئر ڪيو. خط ۾ محمود خان اچڪزئي لکيو ته، “مان انتهائي هنگامي صورتحال ۾ اوهان کي هڪ سنگين معاملي ڏانهن فوري ڌيان ڇڪائڻ لاءِ لکي رهيو آهيان، جيڪو اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صحت سان لاڳاپيل آهي، جيڪو هن وقت راولپنڊي جي اڊياله جيل ۾ قيد آهي.”
هن وڌيڪ چيو ته سندس علم ۾ آيو آهي ته تازا طبي معائنا “سندس ذاتي طبي ٽيم يا گهراڻي جي ڄاڻ يا موجودگي کانسواءِ” ڪرايا ويا. اچڪزئي چيو، “سندس ذاتي ڊاڪٽرن، جيڪي سندس طبي تاريخ کان مڪمل طور واقف آهن، کي ان بابت آگاهه ئي نه ڪيو ويو.”
هن چيو ته، “سندس صحت جو صحيح جائزو وٺڻ ۽ مناسب علاج لاءِ بغير ڪنهن دير جي سندس اعتماد لائق ڊاڪٽرن کان مڪمل طبي معائنو ۽ ٽيسٽ انتهائي ضروري آهن، جيڪي طبي اخلاق، قانوني ذميوارين ۽ بنيادي انساني حقن جي عين مطابق هجن.”
هن خط ۾ عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽرن جا نالا به ڄاڻايا ۽ چيو ته بهتر اهو ٿيندو ته اهي ئي طبي معائنو ڪن. خط ۾ ڊاڪٽر محمد عاصم يوسف، ڊاڪٽر پروفيسر مظهر اسحاق ۽ ڊاڪٽر پروفيسر عامر اعواڻ جا نالا شامل آهن.
اچڪزئي چيو، “اڳوڻي وزيراعظم جي صحت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اوهان جي فوري ذاتي مداخلت ضروري آهي، ته جيئن کيس طبي سهولت تائين رسائي ملي سگهي.”
مکيه ميڊيا ۾ عمران خان جي علاج بابت رپورٽون سامهون اچڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ، حڪومت گذريل هفتي اهو تسليم ڪيو ته اڳوڻي وزيراعظم جو علاج پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ ڪيو ويو هو.
جيو نيوز سان ڳالهائيندي طارق چيو ته راولپنڊي جي اڊياله جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم کي 24 جنوري جي رات اسلام آباد ۾ واقع پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) منتقل ڪيو ويو، جتي سندس “20 منٽن” جو طبي عمل ڪيو ويو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته پمز ۾ عمران خان جي “اکين جو وڌيڪ معائنو ڪيو ويو، ۽ سندس لکت ۾ اجازت کان پوءِ 20 منٽن جو طبي عمل سرانجام ڏنو ويو.” هن چيو ته ان کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم کي “اهم هدايتن” سان گڏ ٻيهر اڊياله جيل منتقل ڪيو ويو.
ان کان پوءِ پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر رانا عمران سڪندر چيو ته عمران خان جي اکين جو طبي عمل “سولي نموني” مڪمل ڪيو ويو ۽ علاج دوران سندس حالت “مستحڪم” رهي.
هن هڪ وڊيو بيان ۾ چيو، “هي طبي عمل لڳ ڀڳ 20 منٽن ۾ ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو. علاج دوران مريض جي حياتياتي حالت مستحڪم رهي، ۽ کيس معمول مطابق علاج کان پوءِ جي هدايتن، فالو اپ صلاح ۽ لاڳاپيل دستاويزن سان رخصت ڪيو ويو.”
ذڪر جوڳي ڳالهه اها به آهي ته پي ٽي آءِ عمران خان کي “ڳجهي نموني پمز منتقل ڪرڻ”، ڄاڻي واڻي سندس گهراڻي ۽ پارٽي قيادت کي بي خبر رکڻ، ۽ کيس ذاتي ڊاڪٽرن تائين رسائي نه ڏيڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪئي هئي۔










