اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي بادشاهه ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري لاءِ سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي.گادي واري شهر رياض ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم سعودي بادشاهه سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ ڪيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ پراڻن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري جي حوالي سان صلاح مشورا ڪندو. وزيراعظم سعودي فيوچر انويسٽمينٽ ۽ انيشيٽو سمٽ ۾ به شرڪت ڪندو.










