اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي.وزيراعظم آفيس جي اعلاميائي موجب، شيري رحمان ۽ نويد قمر به بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هئا.اعلامي موجب، بلاول ڀٽو عالمي امن لاءِ ڪوششن تي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي خراجِ تحسين پيش ڪيو.وزيراعظم آفيس جي اعلاميائي موجب، وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو ملاقات ۾ سياسي ۽ ملڪي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ۽ بجيٽ بابت معاملن تي پڻ گفتگو ڪئي وئي.










