اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف ٽن ملڪن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد کان سعودي عرب لاءِ روانو ٿي ويو آهي.سرڪاري ميڊيا موجب، وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي دعوت تي اهم ڪابينا ميمبرن سان گڏ هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي.سرڪاري ميڊيا رپورٽن موجب، وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ ٻين شخصيتن سان اهم ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ اهي خطي ۽ دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين جي حوالي سان ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل مفادن تي بحث ڪندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سڀاڻي سعودي عرب کان برطانيه لاءِ روانو ٿيندو. برطانيه ۾ ٻن ڏينهن جي رهائش کان پوءِ شهباز شريف آمريڪا لاءِ روانو ٿيندو.ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا جي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو ۽ اهم عالمي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو.










