وزيراعظم جي قطري هم منصب سان ملاقات، سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

وزيراعظم جي قطري هم منصب سان ملاقات، سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

دوحه (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ملاقات ڪئي.دوحه ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ تعاون جي ٻين شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.شهباز شريف پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ مختلف شعبن ۾ قطر جي مسلسل سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو.هن اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ قطر ۾ پاڪستانين جي ميزباني ڪرڻ تي قطر جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هي پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.شهباز شريف ۽ قطري وزيراعظم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرامن حل ۽ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو.وزيراعظم غزه تڪرار تي قطر جي اصولي موقف، خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ قطر جي ڪوششن ۽ غزه جي عوام لاءِ قطر جي انسانيت جي بنياد تي قدمن ۽ سفارتي ڪوششن کي ساراهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو