وزيراعظم جي ايراني صدر سان ڳالهه ٻولهه

وزيراعظم جي ايراني صدر سان ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم محمد شهباز شريف سومر تي ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري ڏانهن واپسي کي اهم قرار ڏنو۔
وزيراعظم هائوس پاران X تي جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهباز خليجي علائقي ۾ جاري تڪرارن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته “ضروري آهي ته سڀ پاڙيسري ملڪ گڏجي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ پنهنجا اختلاف ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪن.”
وزيراعظم عالمي مسلم برادري جي صفن ۾ اتحاد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اڄ جي حالتن ۾ اهو اڳ کان وڌيڪ ضروري آهي۔
“ايران جي پاڙيسري ۽ ڀائر ملڪ طور، وزيراعظم جاري تڪرارن جي پسمنظر ۾ بهادر ايراني عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو،” وزيراعظم هائوس چيو، ۽ وڌيڪ ٻڌايو ته هن جاني نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ۽ بي گهر ماڻهن جي سلامتي لاءِ دعا ڪئي۔
وزيراعظم پاڪستان جي قيادت طرفان ڪيل سفارتي ڪوششن بابت پڻ صدر پزشڪيان کي آگاهه ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته “پاڪستان علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار جاري رکندو.”
هن ايران جي صدر ۽ عوام کي عيدالفطر ۽ نوروز جون مبارڪون پڻ ڏنيون، جڏهن ته ايراني صدر به گرمجوشي سان جواب ڏيندي پاڪستان جي عوام لاءِ پنهنجون نيڪ تمنائون ظاهر ڪيون۔

پهنجو تبصرو موڪليو