ورلڊ بئنڪ پاران بلوچستان لاءِ 21.3 ملين ڊالر فنڊ ڏيڻ جي منظوري

ورلڊ بئنڪ پاران بلوچستان لاءِ 21.3 ملين ڊالر فنڊ ڏيڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ورلڊ بينڪ بلوچستان لاءِ 213 ملين ڊالرز جي فنڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ورلڊ بئنڪ پاران منظور ڪيل فنڊ بلوچستان ۾ روزگار وڌائڻ ۽ ٻيون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا.ورلڊ بئنڪ فنڊ بلوچستان ۾ 2022 جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ مستقبل جي خطرن کان بچائڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو.ان حوالي سان ورلڊ بئنڪ جو چوڻ آهي ته 35 هزار 100 ماڻهن کي گهرن جي تعمير لاءِ گرانٽ ڏني ويندي، جنهن سان بلوچستان جي ڪل 27 لک متاثر آبادي کي فائدو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو