پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو سنڌ ۽ بلوچستان جا 6 اهلڪار شهيد

پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو سنڌ ۽ بلوچستان جا 6 اهلڪار شهيد

جيڪب آباد(ن س) سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقي ۾ ڌاڙيلن ۽ پوليس ۾ مقابلو، سب انسپيڪٽر سميت شهيد اهلڪارن جو انگ 6 ٿي ويو آهي. اطلاعن موجب پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو جاري آهي، وڌيڪ پوليس جي نفري پڻ طلب ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل بلوچستان جي علائقي صحبت پور مان هڪ رائيس مل جي مالڪ جي پٽ کي اغوا ڪري سنڌ کڻي آيا، جنهن جو پيڇو بلوچستان پوليس ڪيو ۽ سنڌ جي دنگائي ضلعي جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد داد پور جاگير جيڪو جکراڻين جو علائقو آهي، اتي مقابلو ٿيو. مقابلي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي پوليس گڏيل ڪاروائي ڪئي. فائرنگ ۾ هڪ سب انسپيڪٽر طيب خان جيڪو بلوچستان پوليس جو آهي، ان سميت اهلڪار رياض، عثمان، خادم شاهه، عبدالوهاب ۽ ناصر علي شهيد ٿي ويا، ڪيترائي اهلڪار سخت زخمي به آهن، زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو پيو وڃي.

Photo Sindhyar

پهنجو تبصرو موڪليو