ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ واپاري هفتي جي پنجين ۽ آخري ڏينهن تي گڏيل رجحان ڏٺو ويو، مارڪيٽ شيئرز جي 100 انڊيڪس ۾ واپار دوران 538 پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ 100 انڊيڪس 164,983 تي پهچي ويو،اڄ تائين واپار دوران، 100 انڊيڪس 164,999 جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو جڏهن ته 163,752 جي گهٽ ترين سطح تي پڻ پهچي ويو،اهو ياد رکڻ گهرجي ته 100 انڊيڪس ڪالهه واپار جي آخر ۾ 164,444 پوائنٽس تي بند ٿيو.










