واٽر بورڊ پاران اوڳاڙي  جو هدف 15 ارب رپيا مقرر

واٽر بورڊ پاران اوڳاڙي جو هدف 15 ارب رپيا مقرر

ڪراچي(رپورٽر) واٽر بورڊ ۾ تاريخي سڌارن جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب وصولي جو هدف 12 ارب مان وڌائي 15 ارب ڪيو ويو آهي صحيح هدف جي مطابق جيترو ممڪن ٿي سگھيو اوترو وصولي کي يقيني بڻايو ويندو، ان سلسلي ۾ 4 لک کان وڌيڪ ادائيگيون نہ ڪندڙن کي وارنٽ نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آھن جنھن جي مد ۾ 25 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم وصول ڪئي وئي آهي جڏهن تہ مختلف ميڊيا ۾ بيان بازي ڪندڙ عناصر واٽر بورڊ ۾ تاريخي سڌارن جي عمل کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا پر واٽر بورڊ جي ملازمن ۽ آفيسرن جو نئين انتظاميا تي اعتماد ۽ حوصلو سڀني قياس آرائين کي ختم ڪري رهيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سي اي او / ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو تہ واٽر بورڊ ملازمن جي ڀلائي ۽ بھتري لاءِ سٺا قدم کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ واٽر بورڊ کي مختلف شرطن تي حاصل ٿيندڙ سڪيورٽيز کي ٽي ڊي آر ۾ منتقل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي تہ جيئن اها رقم ملازمن جي مالي مدد لاءِ خرچ ڪري سگهجي يعني ملازمت دوران فوت ٿيندڙ ملازمن کي ڪفن دفن سميت ٻئي مالي مدد لاءِ فوري طور تي رقم فراهم ڪئي وڃي، ھن چيو تہ واٽر بورڊ ۾ پهريون ڀيرو پاڻي جي غير منصفانه ورڇ واري عمل کي روڪڻ لاء والز تي جيو ٽيگنگ سسٽم لڳايو ويو آهي ۽ وال مين جا نمبر ۽ پاڻي شيڊول نمايان ڪري لکيا ويا آهن تہ جيئن شهرين جا مسئلا فوري طور حل ٿي سگهن، والز جي جيو ٽيگنگ جي ڪري پاڻي جي ورڇ واري عمل ۾ ڪافي بهتري آئي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي تہ ڊي ايڇ اي جهڙي پوش علائقي ۾ جتي پاڻي جي مسئلي جو حل ناگزير هو اتي روزانو 4 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، هن چيو گذريل ڪيترن سالن جي ڀيٽ ۾ هن سال جو هدف وڌيڪ ھجڻ باوجود وصولي ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ وصولي ۾ بهتري جي وڏي وجھ واٽر بورڊ ۾ اچڻ وارا نوان سڌارا آھن جڏهن تہ وصولين جي هدف کي پورو ڪرڻ ۽ پيش رفت جي نگراني لاءِ هفتيوار اجلاس منعقد ڪيا پيا وڃن، ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر بورڊ ۾ سڌارن جي ڪري ڪجھ عناصر ۽ سهولتڪار افواهن ۽ ناڪاري پروپيگنڊا ۾ مصروف آهن پر واٽر بورڊ جي ملازمن ۽ آفيسرن جو نئين انتظاميا تي اعتماد ۽ حوصلو سڀني قياس آرائين کي ختم ڪري رهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو