وائيٽ بال هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن استعيفا ڏئي ڇڏي

وائيٽ بال هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن استعيفا ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي وائيٽ بال هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن پي سي بي سان اختلافن بعد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. هن اهڙي وقت استعيفيٰ ڏني آهي جڏهن اڌ ٽيم آسٽريليا پهچي وئي آهي ۽ اڌ اڄ رواني ٿي رهي آهي. شيڊول موجب گيري ڪرسٽن کي اڄ ڏکڻ آفريڪا کان آسٽريليا پهچڻو هو. اهڙي صورتحال سبب سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر عاقب جاويد کي عارضي طور هيڊ ڪوچ بنائن جو امڪان آهي. گيري ڪرسٽن انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست بعد رانديگرن جي سليڪشن جو اختيار واپس وٺڻ ۽ عاقب جاويد جي مداخلت تي ناراض هو. هن بابر اعظم، شاهين ۽ نسيم شاهه کي ٻن ٽيسٽ ميچز مان ٻاهر ڪرڻ تي به اعتراض ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو