ڪراچي (اسٽا ف رپورٽر)ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ئي وقت ٻه سرڪاري عهدا رکڻ جي معاملي تي حڪومت جو جواب جمع ڪرايو.چيئرمين ميٽرڪ بورڊ غلام حسين سوهو جي مقرري خلاف ٻڌڻي ٿي. عدالت هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت جي جواب جون ڪاپيون درخواست ڏيندڙ جي وڪيل کي ڏنيون وڃن.ٻڌڻي دوران وڪيل چيو ته غلام حسين سوهو وفاقي ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن ۾ گريڊ 19 جي آفيسر طور مقرر هو. کيس 3 سالن لاءِ چيئرمين ميٽرڪ بورڊ مقرر ڪيو ويو هو. هن وفاقي ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن ۾ رٽائرمينٽ لاءِ درخواست ڏني ۽ فوري طور تي چيئرمين جو عهدو سنڀاليو، وڪيل چيو ته غلام حسين سوهو نئين عهدي تي فائز ٿيڻ لاءِ رٽائرمينٽ جي منظوري جو انتظار به نه ڪيو، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اڃا تائين غلام حسين سوهو کي رليف آرڊر جاري نه ڪيو آهي، چيئرمين ميٽرڪ بورڊ 2 مهينن کان هڪ ئي وقت ٻن ادارن کان پگهارون وصول ڪري چڪو آهي، درخواستگذار معلومات تائين رسائي ايڪٽ تحت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کان لاڳاپيل رڪارڊ جي تفصيل طلب ڪئي،چيئرمين ميٽرڪ بورڊ جي مقرري کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي، وڪيل درخواست ڪئي ته چيئرمين ميٽرڪ بورڊ جي مقرري جي معاملي جي شفاف جاچ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ درخواست تي فيصلو ٿيڻ تائين چيئرمين ميٽرڪ بورڊ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي، عدالت وفاقي حڪومت کي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.










