ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جو اڳوڻو آفيسر فوت ۽ فروٽ وڪڻندڙ شخص زخمي ٿي پيو. ڪورنگي انڊسٽريل آيريا پوليس مطابق رٽائرڊ فوجي آفيسر مشتاق خان ڊي ايڇ اي ۾ فروٽ خريد ڪري رهيو هو ته ان دوران هٿياربندن سندن مٿان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. اسپتال جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽڙ ڊاڪٽر سيمي جمالي ٻڌايو ته مشتاق خان ۽ دڪاندار صاحب خان کي گوليون لڳيون آهن جنهن کي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي ڊاڪٽرن مشتاق خان جي فوت ٿيڻ جو تصديق ڪئي آهي. پوليس سرجن ڊاڪٽر قرار احمد عباسي ٻڌايو ته مشتاق خان کي ران ۾ گولي لڳل هئي جڏهن ته فروٽ وڪڻندڙ کي ٽنگ ۾ زخم ٿيو آهي جنهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. ڊي آءِ جي ايسٽ امير فاروقي چيو آهي ته شروعاتي تحقيقات ۾ معلوم ٿيو آهي ته حملو ڪندڙ موٽرسائيڪل تي اڪيلو سوار هيو ڪلين شيو ۽ شلوار قميص پاتل هيس. ان کان علاوهه ملزم جي سڃاڻپ لاءِ سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. واضح رهي ته مشتاق خان اڳوڻو آرمي ميجر ۽ ڊي ايڇ اي فيز 2 ۾ هڪ اسڪول جو مالڪ هيو. خيال رهي ته اپريل 2017 ۾ ڪراچي جي علائقي بلوچ ڪالوني ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو اڳوڻو آفيسر 60 سالا رٽائرڊ ڪرنل طاهر ضياءَ مارجي ويو هو.










