’هني ٽريپ ڪيس‘ ٻن عورتن سميت ڊپٽي اٽارني جنرل گرفتار

’هني ٽريپ ڪيس‘ ٻن عورتن سميت ڊپٽي اٽارني جنرل گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ)هڪ واپاري هني ٽريپ جو شڪار ٿي ويو ، جنهن ۾ مبينا طور تي پاڪستان جو ڊپٽي اٽارني جنرل ملوث نڪتو، جنهن کي پوليس گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. واقعي جو اطلاع گلبرگ ٿاڻي تي ڏنو ويو، جتي مقامي رهواسي سهيل محمود جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته 20 آگسٽ تي ڊاڪٽر ماهم نالي هڪ عورت محمود کي ڪاروباري ڊيل جي نالي تي گلبرگ جي هڪ هوٽل ۾ گهرايو. محمود موجب عروج نالي عورت هڪ شخص سان گڏ هوٽل تي پهتي، جنهن جي پٺيان هڪ ٻيو شخص آيو ۽ ٽنهي مٿس تشدد ڪيو. ڊاڪٽر ماهم مبينا طور تي پنهنجو پرس، ڪاروباري ڪارڊ ۽ ڪار کڻي رواني ٿي وئي. محمود وڌيڪ الزام هنيو ته اڻڄاتل شخص کيس بندوق جي زور تي پڪڙي عورت سان سيڪس وارا عمل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ واقعي جي فلم ٺاهي وئي. ايف آءِ آر موجب جوابدارن وڊيو ڊليٽ ڪرڻ لاءِ 30 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو. لاهور پوليس تصديق ڪئي ته ڊاڪٽر ماهم ۽ عروج کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس وڊيو کي فلمائيندڙ فرد جي سڃاڻپ ايڊووڪيٽ جاويد قصوري، ڊپٽي اٽارني جنرل فار پاڪستان جي طور تي ڪئي آهي. ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن ذيشان اصغر، جاويد قصوري جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. پوليس وڌيڪ چيو ته هني ٽريپ ۾ ملوث عورتون مشهور ڏوهاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو