هنزه )ويب ڊيسڪ)هنزه ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. گذريل رات 8:58 تي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلي جي ڪري چيپورسن گوجال جي رهواسين رات کليل آسمان هيٺ صفر کان هيٺ درجه حرارت تي گذاري.مقامي ماڻهن موجب، چيپورسن ۾ زمين هيٺ ٽي وڏا ڌماڪا ٻڌا ويا.انهن چيو ته جبلن مان لينڊ سلائيڊنگ ٿي ۽ ڪيترن ئي گهرن ۾ دراڙون نظر آيون.مقامي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل 2 مهينن کان چيپورسن جي مختلف حصن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.










