مئي جو آخري هفتو انتهائي خطرناڪ نظر پيو اچي: وساڻ

مئي جو آخري هفتو انتهائي خطرناڪ نظر پيو اچي: وساڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پ پ جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ عمران خان ۽ عام چونڊن بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي.منظور وساڻ چيو آهي ته هن مهيني جو آخري هفتو انتهائي خطرناڪ نظر اچي رهيو آهي جنهن ۾ گهڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، عمران خان جي راند ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو آهي ته پي ڊي ايم جو ارادو هو ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري ۽ 8 آڪٽوبر تي چونڊون ڪرايون.هاڻ ملڪ جون حالتون اهڙيون آهن جو هن سال ڪا به اليڪشن ناهي.هن چيو ته آئين ۾ ترميم ڪري اليڪشن جو وقت هڪ سال تائين وڌايو وڃي ته ملڪ ۾ اتحادي حڪومت قائم ٿي سگهي ٿي.منظور وساڻ چيو آهي ته سياستدانن کي صبر ۽ هوشياري سان فيصلا ڪرڻ گهرجن، عمران خان وٽ وقت هو پر هن اهو به ضايع ڪيو.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ هاڻي ساڳي پارٽي نه رهندي ۽ صرف چند ماڻهو اليڪشن ۾ بيٺا.

پهنجو تبصرو موڪليو