ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 11 پورهيت مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب، هرنائي جي علائقي شاهرگ ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي گاڏي ويجهو ڌماڪو ٿيو. پوليس جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ ڌماڪي واري هنڌ کي ڪڙو چاڙهي ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. ڊپٽي ڪمشنر هرنائي جو چوڻ آهي ته شاهرگ واري علائقي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 9 پورهيت مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا، زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻن پورهيتن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو.ڌماڪي ۾ مارجي ويل ۽ زخمي ٿيلن جو تعلق سوات ۽ شانگلا سان ٻڌايو پيو وڃي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند ڌماڪي ۾ پورهيتن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته زخمين جو شاهرگ اسپتال ۾ علاج جاري آهي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب، شاهرگ ۾ ڌماڪي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي، شروعاتي جاچ موجب روڊ ڪناري ڌماڪيدار مادو نصب ٿيل هو.
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڌماڪي تي افسوس جو اظهار
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ پورهيتن جي مارجي وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري هرنائي ضلعي جي شاهرگ واري علائقي ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي.صدر زرداري پاران ڌماڪي جي نتيجي ۾ 11 پورهيتن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو.صدر آصف علي زرداري دهشتگردي جي واقعي ۾ مارجي ويل پورهيتن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار به ڪيو آهي.صدر زرداري ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي تائين ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءَ ڪيو.صدر آصف علي زرداري ڌماڪي جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف هرنائي ضلعي جي شاهرگ واري علائقي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته هٿين خالي ۽ معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ وحشين کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، هو ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سرگرم آهن……….










