ٻين ملڪن وٽ بيلسٽڪ ميزائيل آهن ته پوءِ ايران تي اعتراض ڇو؟ وزيراعظم

ٻين ملڪن وٽ بيلسٽڪ ميزائيل آهن ته پوءِ ايران تي اعتراض ڇو؟ وزيراعظم

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو آهي ته آبنائي هرمز مڪمل طور تي کلي وئي آهي، ايران آبنائي هرمز ۾ تمام سٺو قدم کڻي رهيو آهي.صدر ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آبنائي هرمز مڪمل طور تي کلي وئي آهي.ٽرمپ گڏوگڏ اها ڌمڪي به ڏني ته جيڪڏهن ايران معاهدي جي پاسداري نه ڪئي ته جيڪو ڪرڻ ضروري ٿيو اهو ڪندس. جيستائين ايران اسان جو احترام ڪندو رهندو، اسان جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڏکيائي يا تڪرار پيدا نه ٿيندو.صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته سڀڄاڻن ٿا ته ايران وڏي پيماني تي هٿيارن جي معائنن تي راضي ٿي ويندو، ايران مستقبل ۾ ڊگهي عرصي تائين جوهري (نيوڪليئر) شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ راضي ٿيندو.

ٻين ملڪن وٽ بيلسٽڪ ميزائيل آهن ته پوءِ ايران تي اعتراض ڇو؟ وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف ايران جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام بابت ڳالهائيندي چيو ته بيلسٽڪ ميزائلن جي معاملي ۾ ٻٽو معيار نه هئڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بيلسٽڪ ميزائلن جو معاملو ڪڏهن به ڳالهين جي ايجنڊا جو حصو نه رهيو آهي. جيڪڏهن ايران پنهنجي دفاع لاءِ بيلسٽڪ ميزائل رکي ٿو ته دنيا ۾ ڪيترائي ٻيا ملڪ به اهڙا ميزائل رکن ٿا. وزيراعظم سوال اٿاريو ته اهڙي صورتحال ۾ صرف ايران جي بيلسٽڪ ميزائلن تي اعتراض ڇو ڪيو وڃي؟ ٻين ملڪن وانگر ايران کي به پنهنجي دفاع لاءِ بيلسٽڪ ميزائل رکڻ جو حق ڇو نه هجي؟ هن چيو ته ڪجهه عنصر امن لاءِ جاري ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ چاهين ٿا، پر سندس ۽ ايراني صدر جو پڪو عزم آهي ته هو هن معاهدي کي نقصان پهچائڻ وارن جي سامهون لوهي ديوار وانگر بيٺا رهندا. وزيراعظم وڌيڪ چيو: “اسان امن جي دشمنن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ لوهي ديوار وانگر بيٺا آهيون.” هن چيو ته: “مان يقين ڏياريان ٿو ته اسان پنهنجو هي اهم ڪردار جاري رکنداسين ۽ پائيدار معاهدي تائين پهچڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهنداسين. اسان ايراني قوم جي عزم کي ساراهيون ٿا. جنگبندي ۽ يادداشتِ مفاهمت (MoU) جي ڪاميابي لاءِ فيلڊ مارشل عاصم منير اڻٿڪ محنت ڪئي. الله تعاليٰ نهايت مهربان آهي، جنهن اسان کي هي ڪاميابي عطا ڪئي. اسان واعدو ڪيو هو ته جنگ روڪرائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهنداسين، اهو ضرور ڪنداسين.” وزيراعظم چيو ته پاڪستان ايران سان هر شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيندو. هن اظهار ڪيو ته ايران جلد هڪ وڏي معيشت بڻجي ويندو. هن چيو:
“اسان هميشه لاءِ دوست ۽ ڀائر آهيون. دنيا ۾ ٻٽو معيار نه هئڻ گهرجي. ايران جي ڪاميابي اسان جي ڪاميابي آهي ۽ ايران جي ناڪامي اسان جي ناڪامي آهي.” وزيراعظم جو چوڻ هو ته قطر جي وزيراعظم امن واري هن قدم جي مڪمل حمايت ڪئي، جڏهن ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوگان پڻ پاڪستان جي امن ڪوششن جي حمايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنئي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.

اسان پنهنجي ميزائل پروگرام تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪنداسين: ايراني صدر

ايراني صدر مسعود پيزشڪيان وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته: “اسان پنهنجي ميزائل پروگرام تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪنداسين.” هن چيو ته هو وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي امن لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهين ٿا. ايراني صدر چيو ته: “امن واري عمل لاءِ قطر، ترڪي، سعودي عرب، مصر ۽ ٻين دوست ملڪن جي قيادت جا شڪرگذار آهيون.” هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن. ٻئي ملڪ گڏيل مستقبل ۽ گڏيل منزل جا شريڪ آهن. “پاڪستان ۽ ايران هڪ جان، ٻه قالب آهن. ايراني حڪومت ۽ عوام پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جي حمايت تي سندن ٿورائتا آهن.”

ايراني صدر کي اعزازي فيلوشپ ڏني وئي

ٻئي طرف ايراني صدر مسعود پيزشڪيان کي ڪاليج آف فزيشنزاينڊ سرجنز پاڪستان طرفان اعزازي فيلوشپ ڏيڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير شرڪت ڪئي. وزيراعظم ۽ پاڪستان ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز جي صدر ايراني صدر کي فيلوشپ پيش ڪئي. ڊاڪٽر مسعود پيزشڪيان کي هي اعزازي فيلوشپ سندس شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ڏني وئي. ياد رهي ته ڊاڪٽر پزشڪيان پاڻ دل جو وڏو سرجن آهي.

ايراني صدر جو شاندار استقبال، ٻنهي ملڪن ۾ نون لاڳاپن جي شروعات بابت ڳالهيون

ايراني صدر ۽ پرڏيهي وزير الڳ الڳ جهازن ذريعي پاڪستان پهتا. صدرمسعود پزشڪيان ايران مان سڌو وفاقي راڄڌاني اسلام آباد پهتو، جڏهن ته پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي آخري سفارتي مصروفيت عمان ۾ هئي. صدر پزشڪيان جي نور خان ايئر بيس تي پهچڻ تي ريڊ ڪارپيٽ استقبال لاءِ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، خاتون اول آصفه ڀٽو ۽ اسلام آباد ۾ ايران جي سفيررضا اميري مقدم ڪيو. ٽيليويزن تي ڏيکاريل منظرن موجب، پرڏيهي وزير عراقچي پڻ پنهنجي صدر جي استقبال لاءِ موجود هو. صدر پزشڪيان کي 21 توپن جي سلامي پيش ڪئي وئي، جڏهن ته سندس اعزاز ۾ جنگي جهازن فلائي پاسٽ ڪيو. سرڪاري خبر ايجنسي موجب صدر ٻارن پاران لڳايل خيرمقدمي نعرن جي جواب ۾ هٿ لوڏي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. اسلام آباد ۾ ايراني صدر جون تصويرون ۽ ٻنهي ملڪن جا جهنڊا روٽ تي لڳل نظر آيا.

پرڏيهي وزير عراقچي جون ملاقاتون

عراقچي، جيڪو هفتي جي آخر ۾ سوئٽزرلينڊ ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ شامل هو، صدر پزشڪيان جي وفد جو حصو آهي.

ايراني سرڪاري خبر ايجنسي IRNA موجب، عراقچي پاڪستان پهچڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ صدر زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقاتون ڪيون. پاڪستان جي پرڏيهي آفيس چيو ته: “پاڪستان جي قيادت ۽ عوام پرڏيهي وزير عراقچي ۽ ايراني وفد کي اسلام آباد ۾ دل جي گهراين سان ڀليڪار چون ٿا.”

ٻطرفن لاڳاپن جي مڪمل جائزي جو امڪان

پرڏيهي آفيس موجب، دوري دوران صدر پزشڪيان صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان تفصيلي ڳالهيون ڪندو. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پڻ ايراني صدر سان ملاقاتون ڪندا. پرڏيهي آفيس چيو ته ايراني صدر جي حيثيت ۾ ڊاڪٽر پزشڪيان جو پاڪستان جو هي ٻيو دورو آهي. اڳ ۾ هو آگسٽ 2025 ۾ آيو هو. بيان موجب هي دورو ٻنهي ملڪن کي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن جو جائزو وٺڻ ۽ واپار، توانائي، سرحدي سلامتي، عوامي رابطن ۽ علائقائي رابطن ۾ تعاون وڌائڻ جا نوان رستا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پرڏيهي آفيس هن دوري کي اسلام آباد يادداشتِ مفاهمت (MoU) تي صحيح ٿيڻ کان پوءِ جاري سفارتي رابطن، گڏيل دلچسپيءَ وارن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ به اهم موقعو قرار ڏنو. بيان ۾ چيو ويو ته: “هي دورو پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي گڏيل عزم جو عڪاس آهي ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي بابت ٻنهي ملڪن جي گڏيل خواهشن کي ظاهر ڪري ٿو.”

سوئٽزرلينڊ ڳالهيون، 12 ارب ڊالرن جي روڪيل رقم جاري ڪرڻ لاءِ صحيحن کي حتمي شڪل ڏني وئي: ايران
ايراني مذاڪراتي ٽيم جو سربراهه محمد باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي آبنائي هرمز جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه لاءِ عمان پهچي ويا.ايراني پارليمينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف جو چوڻ آهي ته سوئٽزرلينڊ مذاڪرات ۾ 12 ارب ڊالرن جي منجمد اثاثن کي جاري ڪرڻ لاءِ صحيحن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.اسپيڪر محمد باقر قاليباف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آبنائي هرمز ۾ جهازن جي اچ وڃ تي رابطي جو نظام قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، هن قدم جو مقصد ڪنهن به قسم جي ٽڪراءُ يا ڇڪتاڻ کان بچڻ آهي.ايراني مذاڪرات ڪار چيو ته سوئٽزرلينڊ مذاڪرات جي بنياد تي لبناني جي علائقائي سالميت ۽ خودمختاري جي ضمانت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جو چوڻ آهي ته ايران پنهنجي طريقيڪار موجب بين الاقوامي جوهري توانائي ايسوسيئيشن (IAEA) سان سهڪار جاري رکندو، فيصلا مشاورتي اسمبلي ۽ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل موجب ٿيندا.ان کان اڳ سوئٽزرلينڊ ۾ ايران آمريڪا مذاڪرات کانپوءِ قطر ۽ پاڪستان پاران گڏيل پڌرنامو (اعلاميو) جاري ڪرڻ تي ردعمل ڏيندي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ٻڌايو هو ته ايران لاءِ تيل ۽ پيٽروڪيميڪل جي برآمدات تي پابنديون ختم ڪيون ويون آهن.عباس عراقچي ٻڌايو ته ناڪابندي هٽائي وئي آهي ۽ ڪجهه منجمد اثاثا جاري ڪيا ويا آهن.

اسان هڪ تبديل ٿيل ۽ مختلف وچ اوڀر جو بنياد رکيو آهي، هاڻي ان تي ڪم جاري رکڻو پوندو: آمريڪي نائب صدر
آمريڪي نائب صدر جئي ڊي وينس سوئٽزرلينڊ مان واپس آمريڪا روانو ٿي ويو.آمريڪا روانگي کان اڳ ائيرپورٽ تي نائب صدر جئي ڊي وينس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سوئٽزرلينڊ ۾ گذاريل 36 ڪلاڪ تمام گهڻا نتيجا ڏيندڙ رهيا، اسان هڪ تبديل ٿيل ۽ مختلف وچين اوڀر جو بنياد رکيو آهي، هاڻي ان تي ڪم جاري رکڻو پوندو.آمريڪي نائب صدر چيو ته اسان اهڙو طريقيڪار قائم ڪري ورتو آهي جنهن سان آبنائي هرمز کليل رهندي، هاڻي ٻارڻ (فيول) جون قيمتون وڌيڪ گهٽ ٿينديون رهنديون، علائقائي جنگ بندي يقيني بڻائڻ لاءِ به مناسب نظام قائم ڪيو ويو آهي.جئي ڊي وينس جو چوڻ هو ته جنگ بندي برقرار رکڻ لاءِ اسان اتحادين، اسرائيلين، خليجي ملڪن، سڀني سان ملي ڪري ڪم ڪري رهيا آهيون. ايران گهڻي عرصي کانپوءِ هٿيارن ۽ جوهري پروگرام جي انسپيڪٽرن (معائنو ڪندڙن) کي اچڻ جي اجازت ڏني آهي، انسپيڪٽرن کي داخلا جي اجازت ڏيڻ وڏي ڳالهه آهي پر اسان کي ڏسڻو آهي ته معائنو ڪرايو وڃي ٿو يا نه.هن چيو ته اسان يقيني بڻائينداسين ته ايران ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل نه ڪري سگهي، ايران سان ٽيڪنيڪل مذاڪرات ۾ مسلسل اڳڀرائي ٿي رهي آهي.

پاڪستان ۽ ايران پاران ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ

صدر آصف علي زرداري ۽ ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي وچ ۾ ايوانِ صدر ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ٻطرفن لاڳاپن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ صدر آصف علي زرداري پاڪستان طرفان ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالمينت جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاريءَ جي اهميت تي زور ڏنو. ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان امن ۽ ڳالهه ٻولهه لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ايران پاڪستان سان سياسي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ چاهي ٿو. ملاقات ۾ اقتصادي تعاون، رابطا ڪاري ۽ علائقائي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر زرداري اسلام آباد ۾ طئي ٿيل يادداشتي معاهدي (مفاهمتي يادداشت) جي آجيان ڪندي مستقل امن جي اميد ظاهر ڪئي، هن سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي لاءِ نيڪ تمنائون پڻ ظاهر ڪيون. ايراني صدر تازو ئي پيدا ٿيل ڏکين حالتن ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ تعاون تي شڪريو ادا ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، جڏهن ته صدر زرداري مسلم امه جي اتحاد ۽ خليجي ملڪن سان مضبوط لاڳاپا برقرار رکڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.

فيلڊ مارشل سان ايراني صدر جي ملاقات، علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهه

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ايراني صدر مسعود پزشڪيان ملاقات ڪئي.پاڪ فوج جي شعبو تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب، ملاقات دوران فيلڊ مارشل ۽ ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان علائقائي صورتحال، امن جي قدمن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته ايراني صدر ڳالهين، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي تعميري ۽ ذميواراڻي ڪردار، تڪرارن جي پرامن حل ۽ ڌرين جي وچ ۾ مفاهمت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻئي طرف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گفتگو دوران خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي اڻٽل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کان علاوه، آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي طرفن کان پاڪستان-ايران لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي مشاورت برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو