هرديپ سنگهه جو قتل، ڪينيڊا جا الزام غلط  قرار

هرديپ سنگهه جو قتل، ڪينيڊا جا الزام غلط قرار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڪيناڊا جي سرڪار پاران سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ وارن الزامن بعد ڀارت وڦلڻ لڳو آهي، ڀارتي پرڏيهي وزارت ڪينيڊين حڪومت جي الزامن کي کل جوڳو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، ڀارتي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت هڪ جمهوري رياست آهي، جيڪا قانون جي حڪمرانيءَ لاءِ پرعزم آهي، ڀارت موجب اهڙا بي بنياد الزام خالصتان تحريڪ جي دهشتگردن ۽ انتهاپسندن کي ڪيناڊا ۾ پناهه ڏيڻ واري معاملي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هنيا ويا آهن، ڪيناڊا جي سرڪار الزام هڻڻ بدران پنهنجي سرزمين تي سرگرم ڀارت مخالف ٽولن خلاف ڪارروائيون ڪري

پهنجو تبصرو موڪليو