هاڻي ڪنهن کي به سليڪشن ڪرڻ نه ڏينداسين،بلاول

هاڻي ڪنهن کي به سليڪشن ڪرڻ نه ڏينداسين،بلاول

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته جمهوريت سان جهيڙيندڙن جو حشر ڏسو، ضياءَ الحق جي قبر ويران آهي، بزدل مشرف تڙپي پيو ۽ جمهوريت جي شهيدن کي هرڪو ياد پيو ڪري. اسين سندن غم ياد ڪري طاقت حاصل ڪنداسين ۽ ڪٺ پتلي حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪنداسين. محترمه کي خبر هئي ته بزدل قاتل گهات لڳائي ويٺل آهن پوءِ به هوءَ مشرف سان وڙهڻ وطن آئي، هوءَ بينظير هئي ۽ بينظير رهندي. اسين سندس مشن جاري رکيو آهي ۽ قافلو رڪبو نه. هن چيو ته ڪٺ پتلي حڪمرانن ڪنهن به شعبي جي ماڻهن کي بخش ناهي ڪيو پر هاڻي عوام به هن کي نه ڇڏيندو. عمران نه عوام جو نمائندو آهي، نه چونڊيل وزيراعظم، هي غاصب آهي، هي اها جمهوريت ناهي جنهن لاءِ شهيد محترمه جان ڏني هئي. هن چيو ته عوامي طاقت سان ٽڪرائڻ وارا پاش پاش ٿي ويندا آهن، سليڪٽر هن کي وٺي ته آيا پر عقل ڪير ڏي؟ هن ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪيو آهي هن کي وڌيڪ وقت هلڻ نه ڏينداسين. هن اڍائي سالن ۾ ايترو قرض ورتو آهي جيترو 70 سالن ۾ ناهي ورتو، ان جي باوجود به ملڪ ۾  مهانگائي آهي ماڻهو خودڪشيون پيا ڪن پر هن ڪو فڪر ناهي. فڪر ته ان کي هوندو آهي جيڪو عوامي ووٽ سان ايندو آهي. اسين هاڻي ڪنهن کي به سليڪشن ڪرڻ نه ڏينداسين، سليڪشن بند ڪرائينداسين. بلاول چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضو ڪيو پيو وڃي جيڪو ڪرڻ نه ڏينداسين. جنهن سرزمين مان گيس نڪري ٿي ان شهر کي گيس نٿي ڏني وڃي، سوئي گيس سوئي شهر کي نٿي ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو