نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مندوب منير اڪرم چيو آهي ته هانگ ڪانگ چين جو حصو آهي ۽ ڪنهن به ملڪ جي اندروني معاملن کي ڪنهن به رياست کي مداخلت جو اختيار ناهي. 55 ملڪن جي گڏيل قومن جي ڪميٽي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اهو گڏيل قومن جي چارٽر ۾ لکيل آهي ته ڪنهن به آزاد رياست جي خودمختاري جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ جرمني هانگ ڪانگ ۾ چين پاران لاڳو ڪيل قانون ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو معامو اٿاريو هو.










