هاءِ ڪورٽ کي وزيراعظم ۽  وزيرن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جو حڪم

هاءِ ڪورٽ کي وزيراعظم ۽ وزيرن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ڊاڪٽر عافيه صديقي ڪيس ۾ وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي روڪي ڇڏيو. وفاقي آئيني عدالت ڊاڪٽر فوزيه صديقي ڪيس ۾ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ وفاقي حڪومت جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. وفاق 16 مئي 2025 جي حڪم کي چيلينج ڪندي درخواست ۾ ترميم جي اجازت ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم ۽ ڪابينه کان آمريڪا ۾ قانوني ڪوششن جي حمايت نه ڪرڻ تي وضاحت طلب ڪئي هئي.
وفاقي حڪومت جو موقف آهي ته درخواست ۾ ترميم عدالتي اختيارن کان مٿانهين ۽ طئي ٿيل ڪيسز جي حيثيت جي ابتڙ آهي. جڏهن ته ڊگهي وقت کان پوءِ اڪلايل معاملي کي ٻيهر کولڻ قانوني اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. وفاق موجب معاملو پرڏيهي پاليسي ۽ عالمي قانون جي جزا آهي.
ترميم ٿيل درخواست ۾ آزادي ۽ ملڪ واپسي جي لاءِ حڪومتي قدمن کي آئيني ذميواري قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي. حڪومت موجب آڪٽوبر 2024 ۾ وزيراعظم آمريڪي صدر کي رحم جي اپيل جي حمايت ۾ خط لکيو. اعليٰ سطحي وفد آمريڪا اماڻيو ويو ۽ قيدين جي منتقلي بابت معاهدن جي ڪوشش ڪئي وئي، پر آمريڪي اختيارين قيدين جي منتقلي واري معاهدي تي راضپو ظاهر نه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو