اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هنگامو ۽ ڀڃ ڊاهه واري مامري تي جي آءِ ٽي قائم، پوليس، سي ٽي ڊي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا عملدار هاءِ ڪورٽ تي حملي جِي گڏيل طور جاچ ڪندا: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا آهن ته بار ايسوسئيشن کي خبر آهي ته عدالت تي حملو ۽ مون سميت 8 ججز کي ڪنهن يرغمال بڻايو، ذميوار وڪيلن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي چڪو آهيان، عدالت، وڪيل شعيب گجر کي 7 ڏينهن جي جيل موڪلي ڇڏيو، ڪيس ۾ گرفتار 4 وڪيلن جو به رمانڊ منظور، چيمپبر ڊاهڻ ۽ گرفتارين خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار طرفان هڙتال ڪئي وئي آهي.










