هاءِ ڪورٽ تي حملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم

هاءِ ڪورٽ تي حملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هنگامو ۽ ڀڃ ڊاهه واري مامري تي جي آءِ ٽي قائم، پوليس، سي ٽي ڊي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا عملدار  هاءِ ڪورٽ تي حملي جِي گڏيل طور جاچ ڪندا: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا آهن ته بار ايسوسئيشن کي خبر آهي ته عدالت تي حملو ۽ مون سميت 8 ججز کي ڪنهن يرغمال بڻايو، ذميوار وڪيلن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي چڪو آهيان،  عدالت، وڪيل شعيب گجر کي 7 ڏينهن جي جيل موڪلي ڇڏيو،  ڪيس ۾ گرفتار 4 وڪيلن جو به رمانڊ منظور، چيمپبر ڊاهڻ ۽ گرفتارين  خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار طرفان هڙتال ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو