هاءِ ڪورٽ بار روم جي ڪينٽين ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو

هاءِ ڪورٽ بار روم جي ڪينٽين ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نئين بار روم جي ڪينٽين ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو آهي.اختيارين موجب ڌماڪي کان پوءِ نيو بار روم ۽ ڪينٽين جا شيشا ٽٽي ويا، جڏهن ته ڌماڪي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ بار روم جي ڀتين کي به نقصان پهتو.بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب بار روم جي ڪينٽين ۾ ڌماڪو گيس لائين ۾ ليڪ ٿيڻ سبب ٿيو.بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب ڪينٽين ۾ گيس ۽ بجلي جي فٽنگ صحيح نه هئي، ڌماڪي ۾ ڪينٽين جي دڪان کي جزوي نقصان پهتو.بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب دڪان ۾ ايل پي جي جا سلينڊر ختم ٿي چڪا آهن جيڪي خطرناڪ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو