ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته مان ميڊيا ۾ چئي چڪو آهيان ته مان نگران يا سياسي حڪومت ۾ ڪو عهدو نٿو چاهيان.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ سيد شبر زيدي چيو آهي ته مان پنهنجي ڪمزور ماءُ جي ڪري ڪراچي ڇڏي نٿو سگهان.هن چيو ته مان پنهنجي ايندڙ زندگي پروفيشنل ڪم ۽ ڪتاب لکڻ ۾ گذارڻ چاهيان ٿو.سيد شبر زيدي جو چوڻ آهي ته مان ايس آءِ يو ٽي ۾ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو، اسلام آباد ۾ پنهنجي مستقبل جي زندگي برباد ڪرڻ نٿو چاهيان.










