اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان نيوي مقامي طور تي تيار ڪيل سامونڊي ٻيڙي مان داغيل اينٽي شپ بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف ڪامياب تجربي تي انجينئرز ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد ڏني آهي. انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، هي هٿيار سمنڊ ۽ خشڪي ٻنهي تي موجود هدفن کي ’’تمام گهڻي درستگي‘‘ سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو، ’’هي نظام جديد رهنمائي وارن اوزارن ۽ اعليٰ درجي جي مينورنگ خصوصيتن سان ليس آهي، فلائيٽ ٽيسٽ جي مشاهدي ۾ چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف، سينيئر سائنسدانن ۽ انجنيئرن شرڪت ڪئي.‘‘ آءِ ايس پي آر هن ڪامياب تجربي کي ’’پاڪستان جي فني مهارت ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ پاڪستان نيوي جي اڻٿڪ عزم جو ثبوت‘‘ قرار ڏنو. فوج جي ميڊيا وِنگ موجب، 30 سيپٽمبر تي پاڪستان آرمي 750 ڪلوميٽر تائين مار ڪندڙ، نئين شامل ڪيل ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل فتح-4 ڪروز ميزائل جو تربيتي تجربو به ڪاميابي سان ڪيو هو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته، ’’جديد ايوانڪس ۽ جديد نيويگيشنل سسٽمن سان ليس هي هٿيار زمين جي سطح سان گڏوگڏ پرواز ڪرڻ جي خصوصيت سبب دشمن جي ميزائل دفاعي نظام کان بچي، هدفن کي انتهائي درستگي سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.‘‘










