نيو يارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس کي جڏهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو خطاب لاءِ پوڊيم تي پهتو ته ڪيترن ئي ملڪن جا وفد بائيڪاٽ ڪري هال کان ٻاهر هليا ويا. گيلرين ۾ ويٺل اسرائيل جي حامين نيتن ياهو جو اٿي بيهي استقبال ڪيو. نيتن ياهو چيو ته حماس جيڪڏهن هٿيار ڦٽا ڪري يرغمالي آزاد ڪري ۽ اسانجي آڇ قبول ڪري ته اڄ ئي جنگبندي ٿي سگهي ٿي ۽ هو سڪون سان رهي سگهن ٿا. اسين غزا جي شهرين جي سويلين اٿارٽي قائم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته فلسطيني رياست جي حمايت پاڳلپڻو آهي. هن چيو ته حماس وارن کي پوري دنيا ۾ ڳولي ڳولي ختم ڪنداسين. هن ايران تي گڏيل قومن پاران پابنديون مڙهڻ جو به مطالبو ڪيو. هن صدر ٽرمپ جي ايران تي حملي جي واکاڻ ڪندي چيو ته هو بهتر سمجهي ٿو ته اسرائيل ۽ آمريڪا جو دشمن ساڳيو آهي. ان دوران آمريڪي وفد تاڙيون وڄايون. نيتن ياهو خطاب دوران هو پلي ڪارڊ لهرايو ۽ چيو ته آمريڪا مرده باد جا نعرا ڪير هڻي رهيا آهن؟ پلي ڪارڊ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ايران، حماس، حزب الله، حوثي ۽ هي سڀ شامل آهن.










