ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڇ ايم ڊي گلوبل نوڪيا جو 5.3 سمارٽ فون پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي. هي فون 6 مهينا اڳ لانچ ڪيو ويو پر پاڪستان ۾ هاڻي مارڪيٽ ڪيو ويو آهي. پلاسٽڪ باڊي وارو 5.3 نوڪيا فون جي 6.55 ايڇ ڊي پلس آءِ پي ايس ويڪري اسڪرين آهي. فون ۾ اسنيپ ڊريگون 665 جو پروسيسر، 64 جي بي اسٽوريج ۽ ايس ڊي ڪارڊ سان ميموري وڌائڻ جي سهولت آهي. هن فون ۾ 3، 4 ۽ 6 جي بي ريم ڏني وئي آهي. ڪمپني جي دعويٰ آهي 4000 ايم اي ايڇ بيٽري فل چارج ڪرڻ بعد 2 ڏينهن هلي سگهي ٿي. هي فون ايندرائڊ ورشن 10 تي هلندو ۽ ان ۾ 4 ڪيمرا آهن. فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل ۽ بيڪ تي 13 ميگا پڪسل ڪيمرا آهي.










