نوڪري لاءِ گهربل ڊگري کان وڏي ڊگري واري جو حق ناهي، عدالت

نوڪري لاءِ گهربل ڊگري کان وڏي ڊگري واري جو حق ناهي، عدالت

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ گهربل ڊگري کان وڏي ڊگري رکندڙ اميدوارن کي نوڪري نه ڏيڻ بابت ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي درخواست گذارن جي اپيل خارج ڪري ڇڏي آهي. جسٽس سيد منصور علي خان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پنهنجو پنجن صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. 2015 ۾ لاهور اليڪٽرڪ ڪمپني يعني ليسڪو لائين سپرنٽنڊنٽ جي گريڊ 15 جي نوڪرين لاءِ اشتهار ڏنو جنهن لاءِ گهربل ڊگري جو شرط ڊپلوما رکيو ويو. ڪمپني جڏهن انجنيئر جي ڊگري رکندڙ اميدوارن کي نوڪري نه ڏني ته ڪجهه اميدوارن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ان کي چيلينج ڪيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل ميمبر بينچ اميدوارن جي حق م فيصلو ڏيندي ڪمپني کي ملازمت ڏيڻ جو حڪم ڏنو. ڪمپني ان خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي ۽ ڊبل ميمبر بينچ ڪمپني جو اهو دليل قبول ڪيو ته اشتهار ۾ ڏنل گهربل لياقت يا اهليت کان وڌيڪ قابليت واري ڊگري کي اوليت ڏيڻ ضروري ناهي، ان سان معاشري ۾ سماجي نا انصافي جنم وٺندي. عدالت ڪمپني جي حق ۾ 21 نومبر 2019 تي فيصلو ڏنو پر اميدوارن سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي. جنهن جي ٻڌڻي مڪمل ڪندي سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ڊي بي جو فيصلو برقرار رکيو. عدالت جو چوڻ آهي ته اهو ڪمپني جو حق آهي ته ڪنهن به پوسٽ لاءِ گهربل ڊگري جو جيڪو اشتهار ڏي ان مطابق ڀرتي ڪري. اهو ضروري ناهي ته گهربل لياقت يا ڊگري کان وڏي ڊگري يا اوور ڪواليفائنگ واري کي ترجيح ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو