اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پي ٽي آءِ جي پشاور مان چونڊيل ايم اين اي نور عالم خان چيو آهي ته کيس فون تي ڌمڪيون پيون ڏنيون وڃن عمران خان ووٽ ڏيو نه ته اوهانجو حشر به شهيد بينظير ڀٽو ۽ بشير بلور جهڙو ڪنداسين. پي پي پي ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان موجب نور عالم خان ٻڌايو آهي ته ڏمڪيون ڏيندڙن کيس چون ٿا ته تنهنجي ٽن پٽن کي به ختم ڪنداسين تنهنجو خاندان ئي ختم ڪنداسين. نور عالم خان ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته مونکي يا منهنجي خاندان کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار وزيراعظم هوندو.










