گلشڻ اقبال (ن هلچل) ڪراچي سچل ڳوٺ وڪيل سوسائٽي وٽ ڪار ۾ سوار ھٿياربند نوجوان عدنان مگسي کان ويگو گاڏي ڦر ڪري نوجوان کي اغوا ڪري کڻي ويا ڪجھ فاصلي بعد ھٿياربند عدنان مگسي کي گوليو ھڻي قتل ڪري ڇڏيو پوليس جو ھٿياربندن سان ايم نائن موٽروي روڊ تي مقابلو چارئي ڏوھاري پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا خبرموجب ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ وڪيل سوسائٽي وٽ ڪار ۾ سوار ھٿياربندن قمبر واسي اڪبر مگسي جي نوجوان پٽ عدنان مگسي کان ويگو گاڏي ڦر ڪري عدنان کي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا واقعي بعد اغوا ٿيل نوجوان نوجوان جا وارث ۽ پوليس ھٿياربندن پويان لڳ جنھن بعد ھٿياربند اغوا ڪيل نوجوان کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو بعد ۾ ھٿياربندن جي ڪار سپر ھاء وي تي فوٽ پاٿ سان ٽڪرائجڻ بعد ھٿياربند ڪار ڇڏي ويگو گاڏي ۾ فرار ٿي ويا اڳتي ھلي ايم نائن موٽروي روڊ تي ھٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو ٿيل مقابلي ۾ چارئي ھٿياربند پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويا جڏھن تـ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مقتول نينگر عدنان جي وارثن جي زخمي ٿيڻ جا بـ اطلاع آھن.










