نوجوان تي تشدد ۾ ملوث چوٿون جوابدار گرفتار، فاروقي جو رمانڊ منظور

نوجوان تي تشدد ۾ ملوث چوٿون جوابدار گرفتار، فاروقي جو رمانڊ منظور

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) عدالت نوجوان تي تشدد ۾ ملوث جوابدار سلمان فاروقي ۽ ٻين جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ نوجوان تي تشدد جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پوليس جوابدار سلمان فاروقي ۽ ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو.پوليس عدالت کان جوابدار جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪندي 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.ٻئي طرف، پوليس هڪ ٻئي جوابدار کي گرفتار ڪيو جنهن خيابان اتحاد ۾ هڪ نوجوان کي سندس ڀيڻ جي سامهون تشدد ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڊيو ۾ ٻئي جوابدار کي نوجوان تي تشدد ڪندي به ڏٺو ويو آهي، فوٽيج جي مدد سان ٻئي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو