نواز شريف واپس نه ايندو، چونڊون آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ٿينديون: شيخ رشيد

نواز شريف واپس نه ايندو، چونڊون آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ٿينديون: شيخ رشيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ چونڊون ٿينديون نواز شريف واپس نه ايندو.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته سپريم ڪورٽ جي آزادي آئيني طور محفوظ آهي، ان جا اختيار وڌائي يا گهٽائي سگهجن ٿا.هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي قاتل عدليه چيو ويو، سپريم ڪورٽ کي کيسي جي واچ وانگر استعمال نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي گورنر راڄ لاڳو ڪري سگهجي ٿو.شيخ رشيد چيو ته پنجاب جو سياسي گند گندگي ۾ اڇلايو ويندو، نيب جي من پسند ترميم به ختم ٿي ويندي، پرڏيهه ۾ رهندڙن کي به ووٽ جو حق ملندو ۽ ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن کي انصاف ملندو.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جا اثاثا وڪڻڻ کان اڳ سندن راند ختم ٿي ويندي، نه وري بلدياتي قانون سازي ٿيندي ۽ نه ئي نواز شريف ايندو، چونڊون آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو