نواز شريف جو قرض ناهي، مون سندس ٻوجهه کنيو، چوڌري نثار

نواز شريف جو قرض ناهي، مون سندس ٻوجهه کنيو، چوڌري نثار

ٽيڪسيلا(ويب ڊيسڪ) سينئر سياستدان چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته مون نواز شريف جو 34 سال ٻوجهه برداشت ڪيو اٿم هن جو مون تي ڪو به قرض ناهي، هو مون کان وڏي سياسي سوچ رکندڙ ليڊر نه هو، سينئر ساٿين سان گڏجي 1985 ۽ 193 ۾ مون هن کي اڳتي ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. نيو نيوز جي رپورٽ مطابق چوڌري نثار علي خان چيو ته جن 20 کان 25 سينئر ساٿين نواز شريف کي ليڊر ٺاهيو، انهن مان هاڻي هڪ به ساڻس گڏ ناهي. ڪجه کيس ڇڏي ويا ۽ ڪجهه کي هن ڇڏي ڏنو. هن چيوته مون وٽ چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي پر اسين رک رکاءَ وارا آهيون. هن چيو ته غلام اسهاق خان جي دور ۾ اسانکي پارٽي جو جنرل اجلاس ڪرڻ لاءِ ڪو هوٽل هال ڏيڻ لاءِ تيار نه هو ان وقت نواز کوکر پنهنجي گهر ۾ جاءِ ڏني. هن چيو ته نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ جو جيڪو ڪردار رهيو آهي اهو قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ۽ هاڻي گهڻو ڪجهه برداشت ڪيو اٿم. هاڻي سندن پارٽي کان لائين ڌار ڪريان پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو