نوابشاهه: ٻن گاڏين ۾ ٽڪر، نينگري ۽ عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي

نوابشاهه: ٻن گاڏين ۾ ٽڪر، نينگري ۽ عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي

نوابشاهه: (ن س) نوابشاهه جي علائقي قاضي احمد ويجهو آمري روڊ وٽ ڪار ۽ ڊالي ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو. حادثي ۾ ٻه ڄڻا فوت جڏهن ته 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي ويا. واقعي جي اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري ۽ امدادي ٽيمون به موقعي تي پهچي ويون، پوليس امدادي ٽيمن جي مدد سان فوت ٿيلن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.پوليس اختيارين ٻڌايو ته فوت ٿيلن ۾ هڪ نينگري ۽ هڪ عورت شامل آهي، واقعو تيز رفتاريءَ سبب پيش آيو. زخمين مان هڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته حادثي جي جاچ شروع ڪري ڏني وئي آهي ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته فوت ٿيلن جا مڙهه ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو