ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ننڍپڻ ۾ جنسي طور هراسان ڪيو ويو.ڀارتي ميڊيا موجب ڪنگنا رناوت هن وقت هڪ ريئلٽي شو ”لاڪ اپ“ جي ميزباني ڪري رهي آهي، جنهن ۾ اسٽينڊ اپ ڪاميڊين منور فاروقي تازو ئي پنهنجي ننڍپڻ ۾ جنسي هراساني کي منهن ڏيڻ جو ذڪر ڪيو آهي.منور جو چوڻ هو ته ”مون اها ڳالهه ڪڏهن به ڪنهن سان شيئر نه ڪئي، مان 6 سالن جو هئس ته مون کي ڪنهن رشتيدار طرفان جنسي طور هراسان ڪيو ويو. منور سان همدردي جو اظهار ڪندي ڪنگنا چيو ته هر سال ڪيترائي ٻار ان مان گذرن ٿا پر اسان عوامي پليٽ فارم تي ان بابت ڳالهائڻ کان پاسو ڪندا آهيون. ”اسان سڀني کي هڪ ڀيرو يا ٻئي وقت نامناسب طور ڇڪيو ويو آهي ،“ هن چيو. ان وقت مون کي خبر نه هئي ته ان جو مطلب ڇا آهي“.










