نمرتا ۽ نوشين، خودڪشي ڪيسن ۾  ڇرڪائيندڙ انڪشاف

نمرتا ۽ نوشين، خودڪشي ڪيسن ۾  ڇرڪائيندڙ انڪشاف

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين شاهه جي ڊي اين اي رپورٽ ۾ حيران ڪندڙ انڪشاف سامهون آيو آهي. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ۽ استاد بخاري جي خاندان سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر نوشين شاهه جي مبينا خودڪشي ڪيس ۾ اڳڀرائي دوران اهم سوال اٿاري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب نمرتا ڪماريءَ جي 2019ع ۾ حاصل ڪيل نمونن جي ڊي اين اي ۾ به هڪ شخص جو ڊي اين اي مليو هو، نمرتا ڪماريءَ جو لاش لاڙڪاڻي جي ڊينٽل ڪاليج جي گرلز هاسٽل جي ڪمري مان مليو هو. ٻنهي جي موت کي خودڪشي ظاهر ڪيو ويو هو ۽ سندن ڳچيءَ تي نشان هئا. ڄامشورو جي فرانزڪ اينڊ ماليڪيولر ليبارٽري ڊاڪٽر نوشين جي ڊي اين اي سيمپل جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيا آهن. رپورٽ موجب ڊي اين اي لاءِ ڊاڪٽر نوشين شاهه جي جسم جا نمونا، ڪپڙا ۽ ڳچيءَ ۾ بند پيل رسيءَ جا نمونا ورتا ويا آهن، جسم ۽ ڪپڙن مان ڊي اين اي جا نمونا مليا آهن، جنهن جو ڊي اين اي مرد جهڙو آهي، ان کي وڌيڪ جاچ لاءِ محفوظ ڪيو ويو آهي. هن رپورٽ جي آخر ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي سفارش ڪئي وئي آهي ته جيڪي مرد گرلز هاسٽل سان لاڳاپيل آهن يا جيڪي گرلز هاسٽل ۾ اچن وڃن ٿا، انهن جي رت جا نمونا وٺي ٽيسٽ لاءِ موڪليا وڃن. واضح رهي ته ڊاڪٽر نوشين شاهه جو لاش گذريل سال نومبر ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي گرلز هاسٽل جي ڪمري مان پنکي سان لٽڪيل مليو هو جڏهن ته ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جو لاش آصفه ڪاليج جي گرلز هاسٽل جي ڪمري مان مليو هو. ذريعن موجب ٻنهي ڪيسن جي جاچ ۾ هڪ ئي مرد جي ملوث هجڻ جو شڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو